جماعت اهلسنت

جماعت اهلسنت: هيءَ جماعت ملڪ گير مذهبي ۽ غير سياسي تنظيم آهي، جيڪا 1920ع ۾ ڪراچيءَ ۾ قائم ڪئي وئي. 17 آڪٽوبر 1978ع تي ملتان ۾ ٻه روزه ڪل پاڪستان سني ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن جي انعقاد جو مقصد مسلمانن ۾ شعور پيدا ڪرڻ، انهن کي مذهبي سطح تي منظم ڪرڻ هو. هن ڪانفرنس ۾ علامه سيد احمد سعيد ڪاظميءَ کي جماعت جو مرڪزي صدر ۽ حاجي محمد فضل ڪريم کي ناظم اعليٰ چونڊيو ويو. هن جماعت جي زير اهتمام ملڪ ۾ وڏي تعداد ۾ ديني مدرسا هلي رهيا آهن، جن ۾ هزارن جي تعداد ۾ طالبن کي ديني تعليم ڏني وڃي ٿي. جماعت جو هڪ اهم منصوبو سني بيت المال جو قيام آهي.



لفظ جماعت اهلسنتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1920.00.00  عيسوي

جماعت اهلسنت: هيءَ جماعت ملڪ گير مذهبي ۽ غير سياسي تنظيم آهي ، جيڪا 1920ع ۾ ڪراچيءَ ۾ قائم ڪئي وئي


1978.10.17  عيسوي

. 17 آڪٽوبر 1978ع تي ملتان ۾ ٻه روزه ڪل پاڪستان سني ڪانفرنس منعقد ٿي ، جنهن جي انعقاد جو مقصد مسلمانن ۾ شعور پيدا ڪرڻ ، انهن کي مذهبي سطح تي منظم ڪرڻ هو .



مذهبي جماعت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جماعت اهلسنت
مذهبي جماعت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون